ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن

ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن

ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن

ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (EOBI):هي ادارو 1976ع ۾ ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس ايڪٽ 1975ع هيٺ منسٽري آف ليبر، مئن پاور اينڊ اوورسيز پاڪستانيز (ايل.ايم.او.پي) جي هڪ خودمختيار اداري طور قائم ٿيو هو. ان ايڪٽ جو مقصد اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل (c)38 جا مقصد حاصل ڪرڻ هو، ان موجب رياست سمورن اهڙن شخصن کي جيڪي پاڪستان جي ملازمت ۾ آهن، سوشل سيڪيورٽي لازمي سوشل انشورنس يا ٻين ذريعن سان مهيا ڪندي.
ايڪٽ جو لاڳو ٿيڻ: اهو ايڪٽ هر صنعت يا ان اسٽيئبلشمينٽ تي لاڳو ٿيڻ جوڳو آهي. جتي 10 يا ان کان وڌيڪ ماڻهو 30 جون 2006ع تائين ملازم هئا. پهرين جولاءِ 2006ع کان ايڪٽ جو نفاذ انهن صنعتن يا ادارن لاءِ ڪيو ويو، جن ۾ 20 يا ان کان وڌيڪ ماڻهو ملازم هجن. ان ۾ البته ترميمن ذريعي فنانس ايڪٽ 2008ع ’دي اپليڪبلٽي آف دي ايڪٽ 5‘ يا وڌيڪ ملازمن وارين صنعتن يا ادارن تائين وسيع ڪيو ويو. ان کان گهٽ وارا ادارا به درخواست ڏئي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. ان ايڪٽ جي سيڪشن 47 هين کي ايڪٽ جي نفاذ کان ٻاهر رکي ٿو:
مقصد: EOBI جو مقصد رجسٽرڊ انشورڊ پرسنس (IP) کي هيٺيان فائدا پهچائڻ آهي: (1) اولڊ ايج پينشن، (2) انويلڊٽي پينشن، (3) سروائيورز پينشن، (4) اولڊ ايج گرانٽ.
اي. او. بي . آءِ جا ڪم: 1. صنعت وغيره جي سڃاڻپ ۽ رجسٽريشن، 2. انشور ٿيل شخص جي سڃاڻپ ۽ رجسٽريشن، 3. ڪنٽريبيوشن جي ڪليڪشن، 4. انشورَ ماڻهن کي فائدا ڏيڻ، 5. اي. او. بي فنڊ مينجيمنيٽ / انويسٽمينٽ.
حڪومت پاران مئچنگ گرانٽ: اداري پاران گڏ ڪيل چندي برابر گرانٽ 1986ع جي جولاءِ ۾ حڪومت متعارف ڪرائي هئي، پر پوءِ 1995ع ۾ اها ڪٽجي وئي، وري هاڻي حڪومت ساليانو هڪ لک سمبولڪ ادائگي ڪري ٿي.
هن اداري EOBI جو 16 ميمبرن تي ٻڌل بورڊ آف ٽرسٽيز وفاقي حڪومت پاران مقرر ڪيل هوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو